GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

image

اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتين، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ، اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار، پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار تي غور ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪيترن ئي معاملن تي جامع بحث ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پي بي سي ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ٿيندڙ 53 نئين ملازمن جي چونڊ جي عمل جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو. ڊي جي پي بي سي ڪميٽي کي پي بي سي جي آءِ ٽي سيڪشن ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي چيو ته هو انهن 53 ڪيسز جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. اطلاعات واري سيڪريٽري انهن ڪيسز جو جائزو وٺڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري 6 سيپٽمبر 2023ع تي ڪميٽي جي گذريل اجلاس دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذيلي اداري پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان ڏنل سفارشن تي تعميل جي رپورٽ فراهم ڪئي. ڪميٽي ان معاملي جي حل ٿيڻ تائين وزارت تي زور ڏنو ته ڪميٽي جي هر اجلاس ۾ باقاعده اپ ڊيٽ فراهم ڪئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي آئي ڊي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا 450 ادارا پي آئي ڊي جي ذريعي اشتهار جاري ڪن ٿا ۽ مخصوص ٽي وي چينلز جي ناظرين جو اندازو هڻي اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا. چيئرمين اشتهارن جي ورڇ جي لاءِ شفاف طريقيڪار قائم ڪرڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ غيرجانبدار بورڊ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن سان اشتهارن جي غيرجانبدراڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار ۽ ڪم بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي سي پي وٽ هن وقت چيئرپرسن موجود نه آهي جنهن جي ڪري ڪائونسل غيرموثر آهي. پي سي پي جي چيئرپرسن جي مقرري جي تجويز صدر کي پيش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي پي سي پي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ نئين ايڪٽ يا ترميمن جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صديقي نيشنل پريس ٽرسٽ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ڍانچي، ڪردار ۽ فعاليت بابت تفصيلي بريفنگ جي درخواست ڪئي. نيشنل پريس ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل پريس ٽرسٽ 2019ع کان بنا چيئرمين جي ڪم ڪري رهيو آهي، 9 پراپرٽيز جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي، ان جا اٽڪل 23 ملازم اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ مقرر آهن. اهڙي طرح پيمرا جي چيئرمين پيمرا جي پاليسي ۽ معاشري جي لاءِ نقصانڪار مواد جي حوصلا شڪني ۾ پيمرا جي ڪردار بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. هن واضح ڪيو ته پيمرا وٽ پري سينسرشپ پاليسي نه آهي، هن ڊرامي جي مواد جي نگراني ڪندڙ بنيادي باڊي ”ڪائونسل آف ڪمپلينٽس“ جي غيرفعالي کي اجاگر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي فعال بڻائڻ ۽ پيمرا جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شعبن مان ناليوارن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ڊرامي جي مواد جي موثر طريقي سان نگراني ڪرڻ جي لاءِ شڪايت ڪائونسل کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، عرفان صديقي ۽ لال دين شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ظهور احمد کانسواءِ پيمرا چيئرمين، ڊي جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊي جي پي آئي ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں