GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪستان جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاهه نه ڪنداسين: چوڌري فواد حسين

image

اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪستان جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازش تيار ڪئي وئي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪو به حرج نه آهي پر حڪومت جي تبديلي ۾ غير ملڪي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر جا مُک اڳواڻ ان سازش جو حصو آهن، مخالف ڌر ڌمڪي واري خط جا نڪتا ڏسڻ کان به انڪاري آهي، اسان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيون ته عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ سياسي ڪردارن کانسواءِ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن، عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي جيڪو پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جو جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا، هن چيو ته اهو قابل اعتراض خط آهي جيڪو پاڪستان جي حڪومت کي لکيو ويو جنهن ۾ واضح طور تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته خط نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آندو ويو، ان کانپوءِ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم اڄ رات ان حوالي سان قوم کي به خطاب ڪندو، سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي جنهن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ٿئي ته ان ۾ ڪو به هرج نه آهي پر جهڙي طريقي سان هتي تبديلي تي زور ڏنو ويو ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان پارلياماني اڳواڻ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي به گهرايو ته جيئن اهي ثبوت ڏسن پر مخالف ڌر اهي ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جا ڪجهه مک اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن کان ڊڪٽيشن وٺي رهيا آهن، انهن جو بنيادي مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ پنهنجي اکين سان اهي ثبوت ڏسي سگهن ٿا پر اهي هي ثبوت ڏسڻ کان ئي انڪاري آهن، ان مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مخالف ڌر اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن. هن چيو ته ان سازش ۾ مخالف ڌر جا سمورا ماڻهو شامل نه آهن، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجا فيصلا هولڊ ڪن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچن ۽ پاڻ اهي دستاويز ڏسن جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائن جي سازش هڪ عالمي سازش آهي ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هندستان ۽ اسرائيل جي سفارتخانن سان رابطا ڪنهن کان لڪل نه آهن، ان کانسواءِ پاڪستان جي ميڊيا جا ڪجهه سينئر ماڻهو به انهي سازش ۾ شامل آهن، هن چيو ته ان سازش جو آغاز نواز شريف جي اپارٽمينٽ مان ٿيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندڙ رانديگر آهن، هو قطئي طور تي استعيفا نه ڏيندو، عمران خان پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خان جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿي آهي، جڏهن هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي ته ان وقت جي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن جو تعاون نه هجي ها ته هو هندستان کي غلام نه بڻائي سگهي ها. اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ان سازش کي ڏسي رهي آهي، اسان قطئي طور تي پاڪستان جي حاڪميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، اسان پاڪستان جي حاڪميت، پاڪستان جي مانهن جي وقار ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي عزت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيـٺل رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر اچي ۽ ثبوت ڏسي، ان کانپوءِ ڪنهن جي دل ۾ ڪو سوال آهي ته اهو پڇي، ان سڄي صورتحال کانپوءِ مخالف ڌر کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حيثيت نه آهي، اصل معاملو اهو آهي ته پاڪستان جي عوام ڇا چاهي ٿي ۽ هو ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، اجلاس جي حوالي سان پڌرنامو جاري ٿي ويندو.

مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados
متعلقہ مضامین
مزید خبریں