GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وڌائڻ سميت توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي: اسحاق ڊار جي روس جي نائب وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس

image

اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وڌائڻ سميت توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن روسي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ٻطرفي واپار ۾ گذريل سال جي بلند ترين سطح کي نوٽ ڪيو. هن پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت مستقبل جي اجلاسن ۾ لاجسٽڪ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو وچن ڪيو جيڪو افغانستان، توانائي جي سلامتي ۽ خوراڪ جي سلامتي تي تعاون وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته روسي نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جو دورو اقتصادي تعاون جي وڌندڙ گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ۽ پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي واضح گڏيل خواهش کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته روسي فيڊريشن سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيح آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪ روس لاڳاپن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش آهي، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هڪ قدم به قدم موقف لاڳاپن کي مثبت رفتار تي رکيو آهي. هن چيو ته ٻنهي وفدن گهرائي سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ۽ اقتصادي توسيع جي امڪاني شعبن جي نشاندهي ڪئي جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي مخصوص شعبن جو خاڪو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ واپار، اقتصادي تعاون، ثقافتي لاڳاپا ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس زرعي شعبي ۾ تعاون جا ذڪر جوڳا امڪان ڏسن ٿا، ٻنهي ملڪن جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ بئنڪنگ پابندين کي نيويگيٽ ڪرڻ آهي، پاڪستان برڪس ۾ شموليت جو خواهشمند ۽ ان تنظيم ۾ شموليت سان گڏوگڏ ان جهڙين ٻين تنظيمن ۾ شرڪت جي لاءِ روس جي مثبت ڪردار جو منتظر آهي. هن چيو ته ايس سي او هڪ اهم فورم فراهم ڪري ٿو جنهن جو مقصد خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس سان گڏجي فلسطين جي صورتحال سميت ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪندو. هن چيو ته پاڪ روس ٻطرفو واپار گذريل سال رڪارڊ هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو، لاجسٽڪ مسئلن کي حل ڪندي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ٻنهي ڌرين جي ترجيح آهي. هن توانائي جي تعاون جي امڪانن تي زور ڏنو جنهن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ غور ڪيو ويندو، ٻئي ملڪ پنهنجي سرحدن کان ٻاهر تائين ڦهليل ريلوي ۽ رستن سميت ڪنيڪٽيويٽي جا منصوبا تيار ڪرڻ جا خواهشمند آهن. محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي يونيورسٽين جي وچ ۾ وڌندڙ ثقافتي ۽ تعليمي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، هن جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ نتيجاخيز ملاقات تي روشني وڌي جنهن ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هڪ مثبت رخ جو تعين ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ روسي وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن پاڪستان جو دورو ڪندو. محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته روس جو وفد آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪ روس جي واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت بابت بين الحڪومتي ڪميشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ تياريون جاري آهن، جيڪو هن سال جي آخر تائين روس ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته پاڪستا روس کي اولهه، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ هڪ اهم ملڪ جي طور تي ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ افغانستان جي حوالي سان مضبوط پارٽنرشپ رکن ٿا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ چاهين ٿا، پاڪستان مسلمان دنيا سان روس جي تاريخي لاڳاپن، او آءِ سي سان وڌندڙ تعاون ۽ فلسطين تڪرار تي ان جي موقف کي تسليم ڪري ٿو. هن سمورن مذهبن جي احترام بابت روسي حڪومت جي موقف تي پاڪستان جي گهري تعريف ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اظهار جي آزادي ۾ اخلاق هجي، قابل احترام شخصيتن جي توهين نه ٿيڻ گهرجي ۽ مسلمان امت جي جذبن کي ٺيس نه پهچڻ گهرجي. هن روس جا ٿورا مڃيا ۽ روسي فيڊريشن سان تعاون کي گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو ذڪر ڪندي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌندڙ دلچسپي کي نوٽ ڪيو جنهن جون پاڙون 75 سالن جي سفارتي لاڳاپن ۾ آهن. هن چيو ته روس اڄ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان وسيع ڳالهه ٻولهه ۾ معيشت جي سمورن شعبن جو احاطو ڪيو ويو، انهن شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا، ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي، واپار، رابطي، تعليم ۽ ڪاروبار سان ڪاروبار ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطن سميت وسيع موضوع شامل هئا. روسي نائب وزيراعظم چيو ته رابطن جي علائقائي رخن کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي آهي، هن شنگهائي تعاون تنظيم سميت عالمي تنظيمن سان تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس هڪ مهيني جي اندر پاڪستان ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته خميس ڏينهن روسي نمائندا ۽ لاڳاپيل (پاڪستاني) عملدار وسيع تر مسئلن ۽ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته هلندڙ سال روس برڪس سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، اسان کي خوشي آهي ته پاڪستان ميمبرشپ جي لاءِ درخواست ڏني آهي. روسي نائب وزيراعظم چيو ته برڪس ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ٻئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اسان پاڪستان جي ميمبرشپ جي درخواست جي حمايت ڪريون ٿا.

مضمون کا ماخذ : bolão lotomania
متعلقہ مضامین
مزید خبریں