GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي آهي: محسن نقوي

image

اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي وئي آهي، مان ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سالڪ حسين ان قومي مشن کي اڳيان وٺي وينداسين، سڀ کان پهرين اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي ان مان نڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ ٻين اڳواڻن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت هيٺ سمورن مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي ڌُرين جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين به ان موقعي تي موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت سان گڏ ٿيڻو آهي، اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو، رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اسان جو دين ۽ آئين به واضح طور تي چوي ٿو ته رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو دهشتگرد آهي، ڪنهن کي ڪهڙيءَ به طرح قتل ڪرڻ جي اسلام ۽ـ اسان جي ملڪ جي قانون ۾ قطعن اجازت ناهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ٿيڻو آهي. اسان يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏينداسين ته ان جو اثر تمام گهڻو ٿيندو ۽ مضبوط پيغام ويندو. محسن نقوي چيو ته 6 سيپٽمبر جي حوالي سان اسان اڄ به انهن ماڻهن کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته هو رياست آڏو هٿيار ڦٽو ڪن، اڄ به چئون ٿا ته رياست کي مڃين، آئين کي مڃين ۽ قانون کي مڃين، اڄ به انهن وٽ موقعو آهي، اسان هر صوبي ۾ وينداسين. وڏن وزيرن ۽ عالمن سان ملنداسين. اهوئي پيغام صوبائي راڄڌاني کان به ڏينداسين، صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن ۾ به اهوئي پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم به ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي اسلام جو نالو غلط استعمال ڪرڻ کي روڪڻو آهي، دين جا اصل رهنما عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن، اڄ اسان قوم کي اهو پيغام ڏيون ته اسان دهشتگرديءَ خلاف متحد آهيون. گهرو وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪنديون. دهشتگرديءَ بابت اوهان جي تجويزن تي به عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته خاص طور تي مولانا عبدالخبير آزاد جو ٿورائتو آهيان جنهن اوهان سڀني کي هتي گڏ ڪيو، دهشتگرديءَ خلاف گڏيل پيغام انتهائي ضروري آهي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اسان کي گڏجي نئين نسل کي بارود ۽ باهه جي راند کان بچائڻو آهي. نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. عالم سڳورا ۽ مشائخ ماڻهن جي اصلاح ڪن ۽ رياست خلاف هٿيار کڻندڙ خلاف آواز بلند ڪن. ان موقعي تي مولانا عبدالخبير آزاد به خطاب ڪيو. ملاقات کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. عالم سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ـ دهشتگردن جي بيانيي کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو انسانيت جو احترام ۽ تشدد کان پاڪ معاشري جو درس ڏئي ٿو. موجوده ملڪي حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪنهن کي به بي ڏوهي قتل ڪرڻ جي اسلام هرگز اجازت نٿو ڏي. وطن عزيز لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آهي. اسلام اقليتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو ضامن آهي. پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن کي ممبر ۽ محراب ذريعي هر گهر جو آواز بڻائي ڇڏينداسين. هي وقت ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر اتحاد ۽ اتفاق ۽ قوم ۽ اُمت کي جوڙڻ جو آهي. ملاقات ۾ مولانا ضياءُ الرحمان، مولانا محمد طيب قريشي، علامه مختيار احمد نديم، علامه عارف حسين واحدي، مفتي گلزار احمد نعيمي، مولانا تنوير احمد علوي ۽ ٻيا موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون
متعلقہ مضامین
مزید خبریں