GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

انتهاپسندي جو خاتمو ضروري آهي، امن جي ڳولا گڏيل ذميواري آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

image

اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انتهاپسندي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته امن جي ڳولا گڏيل ذميواري آهي، حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان پاڪستان ۾ وسيع تر امن جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس اينڊ ايوارڊز جي افتتاحي سيشن ”پاڪستان ۾ پاليسي سازي ۽ امن عمل“ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته امن جي جستجو اسان جي گڏيل ذميواري بڻجي چڪي آهي، اسان مختلف ادارن جي گڏيل ڪوششن سان گڏ بيٺل آهيون جيڪي ملڪ ۾ امن جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان حڪومت، عالمي ادارا ۽ مقامي تنظيمون هر هڪ امن، رواداري ۽ هم آهنگي جي لاءِ پنهنجو منفرد حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ته اسان جي قوم معيشت، سياست ۽ ماحولياتي خدشن جي مُشڪل دائرن مان گذري رهي آهي، ته اهڙي ۾ سماجي امن جو تحفظ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. قومي ۽ عالمي ٿنڪ ٽينڪس کانسواءِ امن جي تنظيمن انتهاپسندي جي مقابلي، تڪرارن جي حل ۽ ٽڪراءُ جي روڪٿام بابت گهري سوچ جي لاءِ انتهائي قيمتي تحقيق ڪئي آهي ۽ بحث مُباحثي کي آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۽ صحافي تبديلي جي طاقتور نمائندن جو ڪردار ادا ڪن ٿا، انتهاپسنداڻي نظرين کي چئلينج ڪن ٿا ۽ شموليت جي حمايت ڪن ٿا. اعتدال جي آوازن کي وڌائين ٿا ۽ مختلف ثقافتن جي وچ ۾ بحث مُباحثي جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ انهن جو اهم بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته امن حاصل ڪرڻ ۾ سياسي پارٽين تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. مفاهمت ۽ گڏيل احترام جي لاءِ سياسي اڳواڻن جي حمايت امن کي فروغ ڏيڻ ۾ سياست جي گهري اثرن کي نمايان ڪري ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) هڪ بنيادي اداري طور ڪم ڪري رهي آهي جيڪا دهشتگردي جي خاتمي جي ملڪ گير ڪوششن کي ٺوس بڻائي ٿي. انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ ان جو عزم پاڪستاني شهرين کي عسڪريت پسند گروپن جي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ هڪ پختي وابستگي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان معاشري ۾ پائيدار امن ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي لاءِ آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اهڙي طرح اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ خال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايسٽ ويسٽ سينٽر پاڪستاني معاشري ۾ امن ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن تنظيمن پاڪستان جي حساسع لائقن خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ تبديلي کي متحرڪ ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) هڪ پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت، گڊ گورننس ۽ امن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ ٻي ناليواري پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ جناح انسٽيٽيوٽ امن ۽ سلامتي بابت اهم پاليسي ريسرچ، اسٽريٽجڪ تجزيي ۽ راءِ شماري ڪري ٿو. سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز (سي پي ڊي آءِ) امن جي تعمير جي ڪوششن ۾ شفافيت، احتساب ۽ شهرين جي شرڪت کي فروغ ڏي ٿو جيڪو هڪ هم آهنگ معاشري جي لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط بڻائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مختلف تنظيمن بشمول سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن (سي ايس اوز) ۽ تحقيقي ادارن جو اهم ڪردار آهي جن ملڪ ۾ امن، رواداري ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان پاليسين ۽ پروگرامز کي فعال طريقي سان لاڳو ڪيو. هن چيو ته گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جهڙن قدمن جي قيادت ڪئي، اهي پاليسيون تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهن، سول سوسائٽي جون تنظيمون امن ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس (يو ايس آءِ پي) جهڙا تحقيقي ادارا پاليسي سان لاڳاپيل تجزياتي ڪم جي انعقاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن جيڪي پاڪستان ۾ امن ۽ تڪرارن جي سببن جي بهتر حل ۾ مددگار آهن. يو ايس آءِ پي جي ڪوششن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سفارتڪاري جي حمايت ڪرڻ، دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينجن جو جامع انداز ۾ جائزو وٺڻ شامل آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيس فلڪس انٽرنيشنل ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ۾ سڄي پاڪستان مان مختلف نسلي ۽ ثقافتي پس منظر جي امن سازن جي تعاون جو اعتراف ڪرڻ اعزاز جو سبب آهي. عالمي نمائندن خاص طور تي ايسٽ ويسٽ سينٽر جي موجودگي ۾ اسان ترقي ۽ استحڪام طرف پاڪستان جي متوازن ۽ ترقي پسنداڻي موقف جو اظهار ڪريون ٿا. تقريب قومي ۽ عالمي امن سازن جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي جيڪا انهن تي زور ڏي ٿي ته اهي پرامن معاشري کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت جي ڪردار تي پنهنجو ڌيان ڏيندي گهرو، پرڏيهي ۽ انساني حقن واريون وزارتون اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جيڪي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏين ٿيون. نيشنل ايڪشن پلان حڪومت پاران تيار ڪيل هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ، فوجداري نظام انصاف کي مضبوط بڻائڻ ۽ مدرسن کي منظم ڪرڻ جي قدمن تي عملدرآمد ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحقيقي ادارن جي تعاون سان اهي پاليسي قدم پاڪستان ۾ وسيع تر امن جي عمل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي تڪرارن جي سببن بابت اسان جي سمجهه وڌائين ٿا، تڪرارن جي روڪٿام ۽ حل ۾ مقامي صلاحيتن کي مضبوط بڻائين ٿا، پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ انقلابي منصوبن جي حمايت ڪن ٿا ۽ متنوع گروهن جي وچ ۾ بحث مُباحثي کي فروغ ڏين ٿا. انهن گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان هڪ وڌيڪ پرامن، روادار ۽ هم آهنگ معاشري طرف گامزن آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں