GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن کي ڪنهن بلاڪ ۾ ورڇ ۽ تڪرارن ۾ الجهڻ بدران امن جي لاءِ پنهنجي طاقت ظاهر ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم

image
APP31-220322 ISLAMABAD: March 22 - Prime Minister Imran Khan addressing at the inaugural session of 48th OIC Foreign Ministers’ Conference at Parliament House. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن کي ڪنهن بلاڪ ۾ ورڇ ۽ تڪرارن ۾ الجهڻ جي بدران امن جي لاءِ پنهنجي طاقت ظاهر ڪرڻ گهرجي، بنيادي ايشوز تي او آءِ سي کي هڪ متحد فرنٽ بڻائڻو پوندو، اسان تڪرارن جا امن جا حصيدار آهيون، دنيا ۾ اسلام رڳو هڪ ئي آهي، اسلامي قدرن کي جيتري قدر خطرا هن وقت آهن ماضي ۾ نه هئا، انهن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻا آهن، عالمي قانون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي باوجود فلسطين ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي وڏي ڪاميابي آهي، مسلمان ملڪن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي م ڪور ايشوز تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، روس يوڪرين جنگ ۾ او آءِ سي ثالث جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ان تڪرار سان دنيا ۾ پيٽرول ۽ ڪڻڪ سميت جنسن جون قيمتون وڌي رهيون آهن، هڪ مستحڪم افغانستان عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جو واحد رستو آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس کي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سليمان الجاسر، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل فرحان بن السعود، چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قازقستان جي نائب وزيراعظم، تيونس جي پرڏيهي وزير کانسواءِ ٻين پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان هڪ اهڙي وقت ۾ هتي موجود آهيو جتي اسان پاڪستاني پنهنجو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏانهن ملهائڻ جي قرارداد جي گڏيل قومن مان منظوري هڪ وڏي ڪاميابي آهي، ان تي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. 15 مارچ تي اهو ڏينهن ملهائڻ جي چونڊ ان لاءِ ڪئي وئي ته 15 مارچ تي ئي نيوزيلينڊ ۾ هڪ هٿياربند شخص مسجد ۾ داخل ٿي 50 مسلمانن کي شهيد ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته هو سمورن مسلمانن کي دهشتگرد سمجهندو هو. نائن اليون کانپوءِ بدقسمتي سان اهرو بيانيو ٺاهيو ويو جنهن ۾ اسلام کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ڳنڍيو ويو. مسلمان ملڪن ان بيانيي جي تدارڪ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اسلام ڪيئن دهشتگردي جي برابر ٿي سگهي ٿو، ڪو ملڪ مسلمانن جي وچ ۾ جدت، روشن خيالي ۽ انتهاپسندي جي بنياد تي ڪيئن فرق ڪري سگهي ٿو، مسلمان ملڪن کي ان تي بيهڻ گهرجي ها، جڏهن ته اسان جي اڪثر رياستن جي ان وقت مسلمان حڪمرانن ان تي ٺوس موقف اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي روشن خيال ۽ اعتدال پسند قرار ڏنو جنهن سان بدقسمتي سان اهو تاثر بڻجي ويو ته اسلام ۾ لبرل، ماڊريٽ ۽ ريڊيڪل مختلف قسمون آهن پر اسلام رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو محمد عربي خاتم النبيين ﷺ جو اسلام آهي. هن چيو ته اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي عمل سان سڀ کان وڌيڪ اولهه ۾ مسلمان متاثر ٿيا. اتي هر دهشتگردي کانپوءِ فوري الزام اسلام تي لڳايو ويو. هن چيو ته ڪو معاشرو ڪيئن ڪجهه جنونين جي حرڪت جو ذميوار ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي غلطين مان نه سکنداسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته 1989ع ۾ شيطاني آيتن جي نالي سان هڪ مسلمان گستاخانو ڪتاب لکيو، ان کانپوءِ دانشوراڻو رويو اختيار ڪرڻ بدران معذرتخواهه رويو اختيار ڪيو ويو. مسلمان دنيا پاران ان حوالي سان گڏيل طور تي جواب نه ڏنو ويو. ان کانپوءِ تسلسل سان گستاخانا مواد ۽ ڪارٽون شايع ڪيا ويا. خوشي آهي ته پهريون ڀيرو اهو تسليم ڪيو ويو ته اسلامو فوبيا هڪ نفرت انگيز شيءَ آهي. اسان کي پنهنجي بياني کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. پاڪستان دنيا ۾ اسلام جي نالي تي قائم ٿيندڙ واحد ملڪ آهي جنهن جي قرارداد مقاصد ۾ مديني جي رياست جي بنياد تي اسلامي جمهوريه قائم ڪرڻ جو تصور ڏنو ويو. آئون مديني جي رياست جي بنياد تي فلاهي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ آيس. دنيا جي سڀ کان پهرين جديد فلاحي رياست حضرت محمد ﷺ ٺاهي. هن هڪ بهترين تهذيب ۽ اسلامي تاريخ جو بنياد رکيو. مديني جي رياست هڪ عظيم انقلاب هو. نبي پاڪ ﷺ رڳو مسلمانن جي لاءِ نه پر پوري امت جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ هئا. وزيراعظم چيو ته جن ملڪن مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪيا انهن خوشحالي ماڻي. نبي ﷺ جي 10 سالا مديني جي زندگي ۾ رڳو 1200 ماڻهو ماريا ويا ۽ سموري عرب تي مسلمانن جي حڪمراني قائم ٿي وئي. اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو جو اتي قانون جي حڪمراني هئي، ڪو قانون کان مٿانهون نه هو. غريب ملڪن ۾ غربت جو بنيادي سبب وائٽ ڪالر ڏوهن کي نه پڪڙڻ آهي. اتي وسيلن جي کوٽ نه آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ساليانو 1.6 ارب ڊالر انهن ملڪن مان ڪڍيا وڃن ٿا، اسرندڙ ملڪن ۾ عربت وسيلن جي کوٽ جي ڪري نه ڪرپشن جي ڪري آهي. هن چيو ته قائداعظم هن ملڪ کي اصل مديني جي رياست ٺاهڻ چاهيندو هو، اولهه ۾ پنهنجي جانورن جو ايترو خيال رکيو وڇي ٿو جيترو اسان پنهنجي انسانن جو به نه ٿا ڪريون، سوئٽزرلينڊ ۾ قانون جي حڪمراني 99 سيڪڙو آهي، اتي وسيلا نه هجڻ جي باوجود دنيا جو خوشحال ملڪ آهي. جيڪو به مديني جي رياست جي ماڊل تي هلندو اهو خوشحال ٿيندو. وزيراعظم چيو ته علم مومن جي ميراث آهي. اسلام ۾ ان جي اهميت جو اندازو ان حديث مان ٿئي ٿو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ حڪم ڏنو ته علم هاصل ڪريو ڀلي چين وڃڻو پوي. اڄ مسلمان دنيا ان ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي. وزيراعظم چيو ته عورتن کي انهن جو حق ڏيڻ نبي ڪريم ﷺ پاران هڪ انقلابي قدم هو. 1400 سال اڳ عورتن کي اهو حق ڏنو ويو. هي اهو نظام آهي جيڪو مديني جي رياست ڏنو. اهو اسلام هو جتي غلام بادشاهه بڻجندا هئا، ڀارت ۾ غلامن جي هڪ خاندان حڪمراني ڪئي. 600 سال اڳ برطانيا ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ ميگنا ڪارٽا تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ جيترو جانورن جو خيال رکيو وڃي ٿو اسان پنهنجي انسانن جو نه ٿا رکون. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو عورتن کي وراثت ۾ حق نه ٿا ڏنا وڃن. اسان ان حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي. مديني جي رياست ۾ غلامن سان خاندان جي ڀاتين جي برابر سلوڪ ڪيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي جو هڪ تصور اسلامي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي ڇو ته اسلامي قدر جيترا هن وقت خطري ۾ آهن اڳ ۾ نه هئا. هن چيو ته جڏهن آئون وزيراعظم بڻيس ته مون پوليس چيف کان ڪرائيم جي صورتحال پڇي ته هن ٻڌايو ته جنسي ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن، فحش مواد تائين پهچ ٻارن کي به موبائيل ذريعي حاصل آهي، ان کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي، ان جا تمام گهڻا خراب اثر آهن. وزيراعظم چيو ته طلاق جي شرح ۾ اضافو اسان جي خانداني نظام کي سڌوسنئون متاثر ڪري رهيو آهي، والدين ۽ استادن جو احترام ڪرنو آهي، سوشل ميڊيا کان پنهنجي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ سوچڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان مقصد جي لاءِ رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي. اسان سوشل ميڊيا کي ختم نه ٿا ڪري سگهون پر پنهنجي نسلن کي اخلاقي طور تي مضبوط بڻائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين تي واضح قراردادون هجڻ جي باوجود اسان ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. دنيا اسان کي سنجيده نه ٿي وٺي ڇو ته اسان ورهايل آهيون. ڏيڍ ارب مسلمان آبادي انهن ناانصافين کي روڪڻ جي لاءِ آواز اٿاري ته اهو انساني حقن جو مسئلو آهي ته ڪو سبب نه آهي جو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿئي. ڪشمير تي عالمي برادري ريفرنڊن جو واعدو ڪيو پر اها نه ڏئي رهي آهي. 5 آگسٽ تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي پر عامي برادري خاموش آهي. هو مسلمان دنيا پاران ڪو دٻاءُ محسوس نه ٿا ڪن. وزيراعظم چيو ته مسلمان ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جدا جدا آهي جڏهن ته مرڪزي ايشوز تي اسان کي متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. فلسطين ۾ روزاني جي بنياد تي انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. مسلمان ملڪ سوشل ميڊيا جي ذريعي انهن ناانصافين بابت دنيا کي آگاهه ڪن. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪري رهيو آهي ته جيئن اڪثريت کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، ڀارت ۽ اسرائيل کي ڪير اهڙن قدمن کان نه ٿو روڪي، دنيا مخلف بلاڪس ۾ ورهايل آهي جڏهن ته مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن کانپوءِ هڪ مستحڪم افغانستان جو موقعو مليو آهي. جيتري بدامني افغانين ڏٺي ايتري ڪنهن قوم ناهي ڏٺي. ان تي پابنديون هڻڻ ۽ ان کي تسليم نه ڪرڻ کان وڌيڪ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، انهن جي انساني بنياد تي امداد انتهائي ضروري آهي، مستحڪم افغانستان افغان سرزمين کي عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ واحد رستو آهي. هن چيو ته افغاني ڪڏهن ٻاهرئين قبضي کي قبول نه ٿا ڪن، ان کي هو پنهنجي خودمختياري کي ان کان خطرو سمجهن ٿا، انهن کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهجي. يوڪرين جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته يوڪرين جي صورتحال تي پوري دنيا وانگر اسان به پريشان آهيون، او آءِ سي جي پليٽ فارم تان سوچڻ گهرجي ته اسان ڪيئن ثالثي ڪندي جنگبندي ڪرائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ان تي ڳالهه ڪندس ته ڪيئن ان بحران کان بچيو وڃي. پوري دنيا تي ان جا منفي اثر پوندا. تيل ۽ ڪڻڪ جون قيمتون وڌي رهيون آهن. گئس جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. جيڪي ملڪ ان تڪرار ۾ ڌر نه آهن اهي ان پوزيشن ۾ آهن ته اهي ان تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿي چيو ته هو اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪري. وزيراعظم چيو ته پنهنجو پاڻ تي اعتماد رکندڙ ڪڏهن ناڪامي ناهي ٿيندو. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان ٻين طرف ڏسون ٿا ته اهي اچي اسان جي مدد ڪندا. اسان کي متحد ٿي هڪ بلاڪ وانگر اسان کي تڪرارن بدران امن جي لاءِ پنهنجي طاقت ظاهر ڪرڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں